سنڌي عورت ڪانفرنس

سنڌي عورت ڪانفرنس

سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ دادي ليلاوتي، دلشاد مرزا ۽ جيجي زرينه بلوچ گيت پيش ڪندي

سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ دادي ليلاوتي، دلشاد مرزا ۽ جيجي زرينه بلوچ گيت پيش ڪندي

سنڌي عورت ڪانفرنس

سنڌي عورت ڪانفرنس: سنڌ جي تاريخ ۾ پوريءَ سنڌ سطح تي سڀ کان پهرين ۽ وڏي ٻن ڏينهن جي ’سنڌي عورت ڪانفرنس‘ 8 ۽ 9 اپريل 1982ع تي ڪراچيءَ جي گلستان شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسڪول ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ مان هزارين عورتن شرڪت ڪئي، جن مان ڪيترين جي رهائش جو بندوبست ساڳئي اسڪول ۾ ڪيو ويو هو. هن ڪانفرنس جو ڪنوينر مشهور تعليمي ماهر، سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر ۽ ان وقت شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو صدر سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو ۽ ان جي سيڪريٽري فهميده حسين هئي، جڏهن ته ان جي آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ ۾ سنڌ جون ڪيئي مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾: علي احمد بروهي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، نظر محمد ميمڻ، ڊاڪٽر حميده کهڙو، پروفيسر انيتا غلام علي، رشيده اخلاق، آپا شمس عباسي وغيره شامل هيون. ٻن ڏينهن تي مشتمل هن ڪانفرنس ۾ مختلف موضوعن جي حوالي سان بيٺڪون ٿيون. افتتاحي نشست جي صدارت سنڌ جي شڪارپور شهر سان تعلق رکندڙ اهم بزرگ شخصيت ليڊي صغريٰ بيگم هدايت الله ڪئي، جنهن لاهور ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ پيش ڪرڻ واري هنڌ تي پهريون ڀيرو پاڪستان جو جھنڊو چاڙهيو هو ۽ سنڌ جي پهرئين گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي گھر واري هئي. افتتاحي نشست جي شروع ۾ ڪانفرنس جي ڪنوينر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پاران ڪانفرنس جي مقصدن تي روشني وڌي وئي، جيڪو سنڌ ۾ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سندن بنيادي حقن ۽ تعليم، روزگار ۽ آزاديءَ وارن حقن کي تسليم ڪرائڻ سان گڏ سنڌي سماج ۾ عورت جي تمام هيٺاهين مقام ۽ حيثيت کي بلند ڪري، کين برابريءَ واري حيثيت ڏيارڻ هو. ان کانپوءِ ڪانفرنس جي سيڪريٽري فهميده حسين حاضرين کي ٻن ڏينهن جي مختلف نشستن ۽ پروگرامن کان آگاهه ڪيو. هن ڪانفرنس جي شروعات ۾ دادي ليلا وتي هرچنداڻيءَ هڪ خصوصي گيت (Theme Song) تيار ڪري پيش ڪيو، جنهن ۾ زرينه بلوچ، عزيزه سومرو، دلشاد مرزا ۽ ٻين فنڪارائن حصو ورتو. هن گيت جا ٻول هئا: ”ڏي سنڌي عورت ساک سچي“ ۽ پوءِ شاهه جو ڪلام ۽ ٻيا گيت به ڳاتا ويا. سنڌي سماج ۾ عورت جو مقام، سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو، سنڌي عورت جي تعليم جو سوال ۽ سنڌي عورت جا ٻرندڙ مسئلا هن ڪانفرنس جا مختلف موضوع هئا. مختلف نشستن جي صدارتي پئنلن ۾ جيڪي خواتين شامل هيون، يا جن پيپر پڙهيا، اهي پڻ سنڌ جون ڄاتل سڃاتل تعليمي ماهر، اديب ۽ دانشور عورتون هيون، جن ۾ ليڊي صغريٰ بيگم هدايت الله، سنڌ جي پهرين ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر ساران صديقي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، پروفيسر انيتا غلام علي، پروفيسر آمنه خميساڻي، آپا شمس عباسي، آپا رضيه بلوچ، آپا بلقيس مرزا، ڊاڪٽر قمر تنوير عباسي، ڊاڪٽر قمر واحد،آپا عائشه شيخ، ماهتاب محبوب، دادي ليلا وتي، بيگم ممتاز راشدي،دادي ڪملا مهتاڻي، عزيزه سومرو، مهتاب اڪبر راشدي، اختر بلوچ، زرينه بلوچ، شبنم شالواڻي، زبيده ميتلو، زهريٰ انصاري وغيره شامل آهن. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض فهميده حسين، مهتاب اڪبر راشديءَ ۽ نسرين جوڻيجو سرانجام ڏنا.
هن ڪانفرنس جي موقعي تي پهريون ڀيرو ’آل سنڌ خواتين مشاعرو‘ به منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور شاعرائن پنهنجي شاعري پيش ڪئي، انهن اهم شاعرائن ۾: نور شاهين، ماهتاب محبوب، نذير ناز، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر ممتاز عقيلي، نسرين جوڻيجو، مريم مجيدي، ثريا سوز ڏيپلائي، شبنم موتي، ثريا سنڌي، خالده سومرو، جميلا تبسم، زرينه بلوچ، قمر واحد، تسنيم يعقوب، انيس ميمڻ، صبين قاضي، نسرين نوري ۽ رضيه کوکر وغيره شامل هيون. رات جي پهر ۾ راڳ رنگ جي محفل، لوڪ گيت ۽ لوڪ رقص پيش ٿيا. ڪلاڪارن ۾ عابده پروين، دادي ليلا، دادي ڪملا مهتاڻي، زرينه بلوچ، مريم پليجو، دلشاد مرزا کانسواءِ ٻين ڪيترين ئي نوجوان ڪاليجي شاگردياڻين حصو ورتو.
سنڌي عورتن جي هن پهرين آل سنڌ وومن ڪانفرنس جي موقعي تي مختلف اخبارن خصوصي نمبر ڪڍيا، خاص ڪري روزاني هلال پاڪستان اخبار ٻئي ڏينهن نمبر ڪڍڻ کان علاوه ڪانفرنس جي مڪمل ڪارروائيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي، ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پي. ٽي. وي جي ڪراچي سينٽر تان خصوصي رپورٽون پيش ڪيون ويون.
هن ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي مختلف ٺهراءَ پاس ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي عورتن جي هڪ نمائنده تنظيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي پهرين ڪنوينر آپا شمس عباسي ۽ پهرين سيڪريٽريءَ طور فهميده حسين نامزد ڪيون ويون. سنڌ ۾ عورتن جي جاڳرتا ۽ ترقيءَ جي ڏس ۾ هن ڪانفرنس جي هڪ تاريخي حيثيت آهي، ڇاڪاڻ جو هن ڪانفرنس ۾ ان دور جي سمورن سڄاڻ فردن، مردن توڙي عورتن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.04.08  عيسوي

سنڌ سطح تي سڀ کان پهرين ۽ وڏي ٻن ڏينهن جي ’سنڌي عورت ڪانفرنس‘ 8 ۽ 9 اپريل 1982ع تي ڪراچيءَ جي گلستان شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسڪول ۾ منعقد ٿي



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏڀلو ترائي
ڄاري
آوي
شيخ واهه
امل
چڙهي چيلهه ڀڃون (راند)
چٽڻي
آر سِي ڊي
پهريان مسلمان سنڌي گريجوئيٽ
چنبئيءَ جو شڪار
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون